اسماعيل راهو

اسماعيل راهو

اسماعيل راھو

اسماعيل راهُو: ناميارو سياسي اڳواڻ ۽ شھيد فاضل راهوءَ جو ٻيو نمبر فرزند اسماعيل راهو، 20 مئي 1962ع تي پنھنجي اباڻي ڳوٺ راهوڪي، تعلقي گولاڙچي، ضلعي بدين ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، اعليٰ ثانوي تعليم حيدرآباد ۾ پرايائين. هن پنھنجي سياسي سفر جي شروعات اسڪول واري دؤر ۾، عوامي تحريڪ جي ذيلي تنظيم ”سجاڳ ٻار تحريڪ“۾ شموليت سان ڪئي. ان تسلسل ۾ اڳتي هلي، ”سنڌي شاگرد تحريڪ“ ۾ سرگرم رهيو. 1986ع ۾ عوامي نئشنل پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 1987ع ۾، سندس والد فاضل راهوءَ جي شھادت کان پوءِ، کيس ان ئي پارٽيءَ جي ”سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ“ ۾ کنيو ويو. چونڊن واري سياست جو آغاز، 1987ع ۾، بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ سان ڪيائين ۽ ضلعي ڪائونسل بدين جو ميمبر بڻيو. 1988ع وارين عام چونڊن ۾ پي- ايس 49 تان، عوامي نئشنل پارٽيءَ جي اميدوار جي حيثيت سان حصو ورتو. 1988ع ۾ ئي ”سنڌي عوام جي قومي اتحاد“ جي اڳواڻ سٿ ۾ شامل ٿي، ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجھد ڪيائين ۽ 1989ع ۾ سنڌي اتحاد جو صدر بڻيو. 1990ع ۾ عوامي تحريڪ جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ کان پوءِ، اسماعيل راهو عوامي تحريڪ جي ٻئي حصي سان لاڳاپيل رهيو ۽ ان جو صدر چونڊيو. 1990ع جي عام چونڊن ۾، آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ڪاميابي ماڻيائين. بعد ۾، ڄام صادق عليءَ جي مخلوط سنڌ حڪومت ۾، لائيو اسٽاڪ ۽ منرل ڊولپمينٽ کاتي ۾ وزير ٿيو. 1993ع جي عام چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿيو. 1995ع ۾ پنھنجي عوامي تحريڪ پارٽيءَ سميت مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ان ئي پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان 1997ع وارين عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيائين. بعد ۾ لياقت علي جتوئيءَ جي مخلوط حڪومت ۾ آبڪاريءَ ۽ محصولات (Excise & Taxation) جو وزير ٿيو. 1999ع ۾ غوث علي شاهه جي چيف ايڊوائيزريءَ ۾، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جو صلاحڪار ٿيو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ مسلم ليگ (ن) جو چيف ڪوآرڊينيٽر رهيو. بعد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ زراعت کاتي، انوائرنمينٽل ڪلائيميٽ چينج، ڪوسٽل ڊولپمينٽ ۽ بورڊز ۽ يونيورسٽين جو وزير ٿيو. اسماعيل راهو ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جي ڏوهه ۾ جيل به ويو. جيل کان آزاديءَ بعد هن ’جيل جا ڏينھن ۽ راتيون‘ جي نالي سان جيل ڊائري پڻ لکي. جيڪا ڇپجي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.00.00  عيسوي

اسماعيل راهو 20 مئي 1961ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ضلعي بدين ۾ ڄائو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالواحد آريسر
اياز لطيف پليجو
ايشور داس
اسفند يار ولي
ارباب غلام رحيم
آغا بدرالدين دراني
امين فهيم مخدوم
بشير احمد خان لغاري
انڙ غلام رسول
اختر علي جي قاضي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون